مارچ ۾ ٿيندڙ امتحان پوئتي ڪيا ويندا: وفاقي وزير تعليم شفقت محمود

اسلام آباد : وفاقي وزير تعليم شفقت محمود چيو آهي ته مارچ ۾ ٿيندڙ امتحان پوئتي ٿيندا ۽ گرمي جون موڪلون به هن سال گهٽ ڪيون وينديون.

شفقت محمود سان خانگي تعليمي ادارن جي نمائنده تنظيمن ملاقات ڪئي آهي ، پرائيويٽ اسڪولز 11 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ تي زور ڏنو هو .

وزيرتعليم چيو ته 4 جنوري تي بين الصوبائي تعليم واري وزيرن۽ اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو ، آخري منظوري  اين سي او سي ڏيندي .

هن چيو ته صحت واري وزارت جي تجويزن کان سواءِ تعليمي ادارا نه ٿا کولي سگهون، اسان ٻارن، استادن ۽ عملي سميت سڀني جي صحت کي ڏسڻو آهي .

هن چيو ته صحت واري وزارت جي بريفنگ تي تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ٿيندو ، خانگي تعليمي ادارن جي پريشانين جو اندازو آهي ۽ انهن کي پيڪيج به ڏئي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔