اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بٺن جي مالڪن طرفان جبري پورهيو وٺڻ خلاف ڪميشن قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بٺن جي مالڪن طرفان جبري پورهيو وٺڻ خلاف ڪميشن قائم ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پوليس طرفان بٺي تان بازياب ڪرايل پورهيت پيش، ڊي سي اسلام آباد عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سمورن پورهيتن کي بازياب ڪرائي بٺي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ بٺن جي سروري ڪرائڻ بعد آڊٽ ڪرائي ويندي، عدالت طرفان ڊي سي اسلام آباد جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميشن کي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔