پاڪستان چيني ڪمپني کان ڪورونا ويڪسين خريدڪرڻ جو فيصلوڪري ورتو

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان شروعاتي طور تي چيني ڪمپني سائنو فارم کان ويڪسين جا 12 لک ڊوز خريد ڪندو. هن چيوته چيني ڪمپني سائنو فارم کان ويڪسين جي خريداري جو فيصلو ڪابينه ڪميٽي ڪيو آهي.

ويڪسين 2021 جي پهرين مهيني ۾ فرنٽ لائن ورڪرز کي مفت ڏني ويندي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر يا ڪنهن ٻئي عالمي منظور ٿيل ويڪسين امپورٽ ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. چيني سينو فارم ويڪسين 79 سيڪڙو بهتر آهي. ان کان علاوه آمريڪا ه پاڪستان کي پهرين مرحلي ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.

روس به پاڪستان کي عالمي وبا ڪورنا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين اسپتنڪ فائيو ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. ان حوالي سان حتمي جائزي جي لاءِ ملندڙ آڇ وفاقي صحت واري  وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ ان جي منظوري صحت واري وفاقي وزارت ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔