وزيراعظم جي ڀارتي پروپيگنڊه کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڀرپوراپاءُ وٺڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڌ سماءُ واري وزارت ۽ سيڪيورٽي ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته ڀارتي ميڊيا جي منفي پروپيگنڊه کي ناڪام بڻائڻ ۽ ان حوالي سان عوام ۾ بهتر شعور اجاڳر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڀرپور اپاءُ ورتا وڃن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان جي خلاف جاري ڀارتي پروپيگنڊه خصوصي طور ڀارتي ميڊيا جي طرفان جاري هائبرڊ وارفئير جي حوالي سان اجلاس ٿيو. جنهن کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته بي بنياد ۽ من گهڙت مهم جو مقابلو حقيقتن سان ڪيو وڃي ۽ ڀارت جو اصل چهرو عوام ۽ عالمي برادري جي سامهون آندو وڃي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ميڊيا به ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔