سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر پارس حميد لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد : سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر پارس حميد لاڏاڻو ڪري ويو. پارس حميد گردن ۽ شگر جي بيماري سبب ڄامشورو اسپتال ۾ داخل هو. ذريعن موجب پارس حميد کي ڪورونا وائرس جي تصديق به ٿئي هئي. هو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر هو سندس اصل نالو حميد الحق قاضي هو. پارس حميد جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔