ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو فوت، 2 هزار 105 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 هزار 105 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾58 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا آهن. وڌيڪ ڪورونا مريضن جي فوتگين ۾ملڪ ۾وائرس وگهي فوتگين جو انگ 10 هزار 105 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾هڪ ڏينهن اندر 2 هزار 105 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو مجموعي انگ 4 لک 79 هزار 715 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 960 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔