سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ ۽ سرڪاري زمينن تان جلد قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ ۽ سرڪاري زمينن تان جلد قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبي اندر آبپاشي ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٻيهر وڻ پوکڻ، راندين جي ميدانن ۽ پارڪس تان به قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز طرفان سرڪاري زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ بابت رپورٽ پيش، عدالت رپورٽ کي به رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔