جي ايف 17 ڊبل سيٽ جهازن جي هوائي فوج ۾ شموليت، بلاڪ 3 جي تياري به شروع

اسلام آباد : پاڪستان جي هوائي فوج هڪ ٻيو سنگ ميل پار ڪري ورتو، مڪمل هوائي دفاع ۾ وڏي اڳڀرائي ڪندي هوائي فوج جي جديد ترين ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 3 جي تياري شروع ڪئي وئي آهي ، ۽ جي ايف 17 ڊبل جهاز به هوائي فوج جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويا آهن.

هوائي فوج جو جي ايف 17 ٿنڊربلاڪ 3 نئين ريڊار سان گڏ آپريشنل ٿيندو ۽ ڀارت جي حاصل ڪري رافيل کان بهتر هوندو .

ان سان گڏ گڏ پاڪ چين جي سهڪار سان تيار ڪيل 14 ڊبل سيٽ جهاز به اڄ هوائي فوج جي حوالي ڪيا ويا آهن جيڪي تربيت جي لاءِ به استعمال ٿيندا ، ڊبل سيٽ جي ايف 17 جي هوائي فوج جي ٻيڙي ۾ شموليت سان به ملڪي دفاع مضبوط ٿيندو .

اسلام آباد ۾ جي ايف 17 ڊبل سيٽ جهازن جي ٻيڙي ۾ شموليت ۽ جي ايف 17 بلاڪ 3 مينوفيڪچرنگ جي شروعات جي تقريب ڪوٺائي وئي چين جي سفير نوونگ رونگ خطاب ڪندي چيو ته هوائي فوج جو بلاڪ 3 نهايت اهم منصوبو آهي .

ائيرفورس جي سربراهه ائير مارشل مجاهد انور خان چيو ته اڄ جي ايف 17 بلاڪ بي جي ڊبل سيٽ جهازن جي تياري شروع ٿي رهي آهي، اڄ ئي جي ايف 17 بلاڪ 3 ڏانهن به اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون ، ان سنگ ميل پار ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔