ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب جي حوالي

اسلام آباد: نيب لاهور هٿان گرفتار ٿيل نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف جو هڪ ڏينهن لاءِ راهداري رمانڊ منظور ڪيو ويو، اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻن ڏينهن جِي راهداري رمانڊ واري نيب جِي استدعا رد ڪري ڇڏي، خواجه آصف جِي پيشي جَي موقعي تي ليگي اڳواڻ به احتساب عدالت پهتا، عدالت ۾ پيشي دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خواجه آصف چيو ته اڍائي سالن کان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته نواز شريف کي ڇڏي ڏيو، نواز ليگ کي ٽوڙڻ ۽ نواز شريف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٻن سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي، نيب هيل تائين هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔