مولانا فضل الرحمان سميت 20 ناليوارن سياستدانن جون حياتيون خطري ۾آهن: گهرو وزيرشيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت 20 ناليوارن سياستدانن جون حياتيون خطري ۾آهن ۽ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي .

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزيرشيخ رشيد جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سي پيڪ خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽سخت خطرا لاحق آهن ، پر اسان جي فورسز سي پيڪ خلاف ڪنهن به ٿريٽ  کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو آهي.

هن چيو ته سياستدانن تي به حملا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت پاڪستان جي 20 ناليوارين شخصيتن جي حياتين کي سخت خطرو آهي ۽ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ، مولانا فضل الرحمان تي حملي جو خدشو آهي ۽ کيس به آگاهه ڪيو ويو آهي .

گهرو وزير جو چوڻ هو ته نواز شريف ملڪي ادارن جي خلاف بيانيو رکي ٿو ، ڪو به اهڙو آرمي چيف ۽ جج ناهي جنهن سان هن جو تڪرار نه رهيو هجي ، نوازشريف پنهنجي سياست کي پاڻ دفن ڪيو آهي ، ان کي گذارش آهي ته هو ماڻهن کي امتحان ۾ نه وجهي .

هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ڪرڻ وارا نه بچي سگهندا ، عمران خان اهڙِي قانون سازي ڪندو جو ڪوئي  به ڪرپٽ نه بچي سگهندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔