دشمن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته مخالف ڌر سان ڇو نٿيون ٿي سگهن: خورشيد شاهه

سکر: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر خورشيد شاهه چيو آهي ته دشمنن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته مخالف ڌر سان ڇو نٿيون ٿي سگهن. 

احتساب عدالت سکر ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي پ پ اڳواڻ  خورشيد شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر سان ڳالهيون ڇو نٿيون ڪرڻ چاهي. هن چيو ته وزيراعظم قومي احتساب بيورو(نيب) قانون جي حوالي سان  چوي ٿو ته اين آر او نه ڏيندس. مان پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پر استعيفيٰ معاملي جو حل ناهي.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پاڻ معاملن کي تشدد ۽ احتجاج طرف کڻي وڃي رهي آهي. احتجاج مخالف ڌر جو قانوني حق آهي. پر حڪومت ان کي خرابي طرف کڻي وڃي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان چيو هو ته مخالف ڌر احتجاج ڪندي ته ڪنٽينر به ڏينداسين ۽ کاڌو به مان هاڻ به چوان ٿو ته ڳالهيون ئي پارليامينٽ جو بهترين رستو آهي.

پارليامينٽ کي سپريم بنائينداسين ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت کي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته شمله معاهدي ۽ ڪارگل جي لاءِ دشمنن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته مخالف ڌر سان ڇو نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته جڏهن چيف جسٽس پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ اچي سگهي ٿو ته نيب چيئرمين کي به اچڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔