لانگ مارچ ضرور ٿيندو ۽ اسلام آباد پهچي وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺي رهنداسين: بلاول ڀٽو

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ اڻٽر بڻجي ويو، لانگ مارچ ضرور ٿيندو ۽ اسلام آباد پهچي وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺي رهنداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن آهي ته حڪومت وٽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو آهي ته پي ڊي ايم واضح پيغام ڏنو آهي ته ڳالهين جو وقت گذري ويو، حڪومت سان ڪي به ڳجهيون ڳالهيون نه پيون ٿين. پ پ چيئرمين چيو آهي ته ميمبرز وٽ سينيٽ چونڊن دوران سيڪريٽ ووٽ جو حق آهي، حڪمران ته نالائق آهن، سپريم ڪورٽ کي خبر آهي ته آئين ۾ شو آف هينڊز جي گنجائش نه آهن. هن چيو آهي ته وزيراعظم کي پارليامينٽ ۾ بحث جو چيلين ڏنو هو بزدل ڀڄي ويو هو، وزيراعظم جو اسلام آباد ۾ هڪ هفتي تائين ڌرڻ جي چيلينج جو مطلب شڪست تسليم ڪري رهيو آهي. هن چيو آهي ته وزيراعظم کي اندازو آهي ته لانگ مارچ ضرور ٿيندو ۽ پي ڊي ايم فيصلو ڪندي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندو. هن چيو آهي ته لانگ مارچ پي ڊي ايم جو ڪارڊ آهي، اسان پنهنجو ڪارڊ پنهنجي مرضي سان کيڏنداسين ۽ ضرور کيڏنداسين، اسان لانگ مارچ جي لاءِ نڪرنداسين ته غريب عوام کي گڏ کڻي هلنداسين، جنهن ۾ بيروزگار ماڻهو به شامل هوندا. هن چيو آهي ته عوام دوائون خريد نٿا ڪري سگهن، 2 وقت جي ماني خريد ڪرڻ کان لاچار آهن، گئس ۽ بجلي جي بلز نٿا ڀري سگهن اهي به لانگ مارچ ۾ اسان سان گڏ هلندا ۽ عوام جي طاقت سان اسلام آباد ۾ پهچي هن کان استعيفيٰ وٺي رهنداسين. هن چيو آهي ته سيڪرٽ بيلٽ ميمبرز جو آئيني حق آهي جنهن کي به ووٽ ڏين، سيڪرٽ بيلٽ تي اسان جو موقف واضح آهي، 31 ڊسمبر تائين قيادت وٽ استعيفائون جمع ٿي وينديون، اسان هي اعلان نه ڪيو ته استعيفائن کي ڪڏهن استعمال ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو آهي ته ميڊيا ۽ پارليمان ۾ آزادي ناهي، شهباز شريف سان ملاقات بعد ميڊيا ۾ غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي، هي ملاقات والده جي تعزيت لاءِ هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔