فضل الرحمان پاڻ سيلڪٽڊ آهي اهوعمران کي ڪيئن سيلڪٽڊ چئي سگهي ٿو: مولانا محمد خان شيراني

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني چيو آهي ته پي ڊي ايم ذاتي مفادن جي لاءِ قائم ٿي آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ 5 سال پورا ڪندو.

ڪوئٽه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا محمد خان شيراني جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم وارا مخاصمت جي لاءِ نه پر مفاهمت جي لاءِ گڏ ٿيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي  چيئرمين مولانا محمد خان شيراني چيو ته مولانا فضل الرحمان پاڻ سيلڪٽڊ آهي اهو عمران خان کي ڪيئن چوي ٿو ته هو سيلڪٽڊ آهي. 

هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي هوندي. جيڪڏهن ڪير به اهو سوچي رهيو آهي ته اهو سندس احمقاڻو خواب آهي. هن چيو ته مان پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪري بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ پارٽي جي آفيس قائم ڪندس. حافظ حسين احمد، اسان جو پراڻو، عقلمند ۽ سمجهدار ساٿي آهي.  اسان سڀني سان رابطي ۾ آهيون.

مولانا محمد خان شيراني جو چوڻ هو ته مان اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته عمران خان پنهنجا پنج سال مڪمل ڪندو. ايندڙ پنج سال به عمران خان جا ئي هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔