محمد وسيم چيف سليڪٽر ۽ سليم يوسف پي سي بي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو سربراهه مقرر

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد وسيم کي چيف سليڪٽر ۽ سليم يوسف کي پي سي بي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.

چيف سليڪٽر جو عهدو مصباح الحق جي هڪ عهدي ڇڏڻ سان خالي ٿيو هو جڏهن ته چيئرمين ڪاميٽي جو عهدو اقبال قاسم جي عهدي ڇڏڻ جي ڪري خالي ٿيو هو جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٻن اهم خالي عهدن تي مقررين جو اعلان ڪيو آهي .

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد وسيم کي قومي  ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪيشن ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ سليم يوسف کي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي ، ٻنهين عهديدارن جي مقرري ٽن سالن لاءِ ڪئي وئي آهي ان ڪري اهي ٻئي آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 تائين ان عهدي تي ڪم ڪندا رهندا .

محمد وسيم جي پهرين اسائنمنٽ ڏکڻ آفريڪا خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوينٽي ميچزلاءِ جنوري جي وچ ڌاري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪرڻ آهي .

پي سي بي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو سال 2021 ۾ پهريون اجلاس به ڏکڻ آفريڪا جي خلاف سيريز کان اڳ ڪراچي ۾ ٿيندو . 43 سالن جو محمد وسيم في الحال ناردرن ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي ڪوچنگ ڪري رهيو آهي ۽ هو پنهنجي نئين ذميواري جي چارج قائداعظم ٽرافي کانپوءِ ئي سنڀاليندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔