ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ پشاور جي وڌيڪ ٽن علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

پشاور: ضلعي انتظاميه پشاور جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ وڌيڪ 3 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بشير اباد جي محلي عزيز خان، ريلوي ڪالوني ۽ فالڪن ڪالوني ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو.

لاڳاپيل علائقن ۾ لاڪ ڊائون شام 6 وڳي لاڳو ڪيو ويندو. ان علائقن ۾ صرف ضروري شيون ۽ دوائن جون دڪانون کليل رهنديون. جڏهن ته متاثر علائقن ۾ غير ضروري چرپر تي به پابندي هوندي.

جاري ڪيل انگن اکرن موجب متاثر علائقن ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کان پوءِ انهن کي سيل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔