ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.

ملڪ جي مٿانهين اترين علائقن ۽ بلوچستان ۾ موسم ٿڌي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪوهيڙي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب خطي پوٽهوهار ۾ به صبح جي وقت ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي جڏهن ته اسلام  آباد ۾ موسم ٿڌي رهندي.

موسمياتي اداري سيالڪوٽ، نارووال، گجرات، گوجرانوالا، لاهور ۽ اوڪاڙه ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ساهيوال، فيصل آباد، بهاولنگر، بهاولپور، ملتان ۽ خانيوال ۾ به ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔