پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ شبلي فراز جو چوڻ هو ته هڪ طرف اندروني دشمن انڊين ڪرائڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي ڄاڻ پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي.ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار پڪڙيو ويو آهي.

شبلي فراز چيو ته گذيل ڏينهن ٽي وي مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي اهائي حالت هئي جيڪا هارڊ ٽاڪ ۾ اسحاق ڊار جي هئي. سچ جي سامهون هنن جا هٿ پير ڏڪڻ شروع ٿي ويندا آهن. نديم بابر(ن) ليگي ڪوڙ جا زرا زرا ڪري ڇڏيا آهن. هارايل ٽيم جي ٽاپ جي رانديگر جي بي وسي ۽ لاچاري ڏسڻ وٽان هئي.

وفاقي وزير چيوته ملڪي برآمدات ۾ واڌ  گذريل 10 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان عمران خان جي اڳواڻي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي. مايوسي پکيڙيندڙ عناصرن کي مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔