مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز خاندان جا اثاثا منجمد ڪرڻ واري رپورٽ طلب

لاهور: مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ نئين اڳڀرائي، عدالت شهباز خاندان جا اثاثآ منجمد ڪرڻ جي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

22 ڊسمبر تي نيب گواهه جي بيان تي ٻيهر جرح ٿيندي. احتساب عدالت جي ايڊمن جج جوادالحسن گذريل ٻڌڻي تي ٻن صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي نيب لاهور ريفرنس ۾ اشتهاري نصرت شهباز، سلمان شهباز، رابعه عمران ۽ هارون يوسف سميت ٻين اشتهارين جا اٿاثا منجمد ڪرڻ واري  رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي جمع ڪرائيندو.

  عدالت شهباز شريف خاندان جي خلاف نيب جي گواهن کي ايندڙ ٻڌڻي تي جرح جي لاءِ ٻيهر طلب ڪري ورتو.  لکت واري فيصلي موجب شهباز شريف جي وڪيلن مصروفيت سبب نيب جي گواهه تي جرح ناهي ڪئي.

نيب طرفان داخل ريفرنس ۾ 16  جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي جن مان 6 جوابدارن کي عدالت غيرحاضري سبب اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔