سالياني مرمت ۽ وارابندي تحت سکر بئراج 6 جنوري کان 20 جنوري تائين بند ڪرڻ جو فيصلو

سکر : سالياني مرمت ۽ وارابندي تحت سکر بئراج 6 جنوري کان 20 جنوري تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چيف انجنيئر چيو آهي ته سکر بئراج مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالز کي 15 ڏينهن لاءِ پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مرمت کان اڳ بئراج جا مُک دروازا کولي پاڻي جي سطح گهٽائي ويندي، نارٿ ويسٽ ڪئنال، دادو ڪئنال، فيڊر ويسٽ ڪنال، روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال ۾ 15 ڏينهن لاءِ پاڻي جو ڇوڙ بند رهندو، آبادگارن کي وارابندي جو شيڊول نظر ۾ رکندي پنهنجي فصلن کي پاڻي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔