اپوزيشن فوج تي جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي:وزيراعظم عمران خان

ڪراچي : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن فوج تي جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، آرمي چيف کي ڪاوڙ آهي پر هُو برداشت پيو ڪري، ڪو ٻيو آرمي چيف هُجَي ها ته فوري طور ردعمل ظاهر ڪري ها، حڪومت ۽ پاڪ فوج وچ ۾ زبردست لاڳاپا آهن. وزيراعظم عمران خان هڪ انٽرويو دوران چيو ته پي ڊي ايم وارن استعيفيٰ ڏني ته اُن سان ملڪ جِي بهتري ٿيندي، کين دعوت ڏيان ٿو ته اڄ ئِي استعيفيٰ ڏين، لانگ مارچ لاءِ اپوزيشن جِي مدد ڪندس، پر منهنجِي مدد باوجود اُهي هڪ هفتو به گذارَي نه سگهندا، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون لاهور وارو جلسو ڏٺو نه هو پر عوام جلسي ۾ نه ويو هو، لاهور جلسي سان پي ڊي ايم کي نقصان پهتو، جلسن جو اِسپَيشلسٽ آهيان، جلسو فلاپ شو هو، نوازشريف اهڙي اداڪارِي ڪئي، جيڪڏهن هو هاليووڊ ۾ هُجَي ها ته کيس آسڪر ايوارڊ ملي ها، پاڪ فوج سميت سمورا ادارا مونسان گڏ بيٺل آهن، جنرل قمر جاويد باجوا جمهوريت تي يقين رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔