ڪورونا وائرس جِي پکيڙ ۾ تيزي اچڻ بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد جَي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي/حيدرآباد: ڪورونا وائرس جِي پکيڙ ۾ تيزي اچڻ بعد ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو ،

سوڪ سينٽر، عيسيٰ نگري، ڊالميا، پي آءِ بي ڪالوني، گلشن 5، پهلوان ڳوٺ، جمالي ڳوٺ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو،

گلزار هجري 12، سفوران ڳوٺ، فيصل ڪينٽ جَي مخصوص علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، اختر ڪالوني، منظور ڪالوني، اعظم بستي، محمود آباد، گارڊن ايسٽ، پي اِي سي ايڇ ڪالوني، جمشيد ڪوارٽر جَي به مخصوص علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو، ڄاڻايل علائقن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏيندي رڳو ميڊيڪل اسٽور، ڪريانه اسٽور ۽ ضروري کاڌي پيتي جِي شين وارا دڪان کولڻ جِي اجازت ڏني وئي، ٻئي پاسي حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ به ڪجهه ڏينهن کان سمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔