ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري ، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 87 ماڻهو فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 87 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ۾ قاتل وائرس ڪوروبا وڌيڪ 87 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، گذريل ڏينهن 48 هزار 75 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 3 هزار 179  نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت  ٿيلن جو انگ 9 هزار 250 ٿي ويو، جڏهن ته متاثرن جو  انگ 4 لک 54 هزار  673  تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 40 هزار 299 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔