روسي ٽينس اسٽار ماريا شيراپوا برطانوي بزنس مين اليگزينڊر سان مڱڻي ڪري ڇڏي

لنڊن: روسي ٽينس اسٽار ماريا شيراپوا برطانوي بزنس مين اليگزينڊر سان مڱڻي ڪري پنهنجي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
روسي ٽينس اسٽار ماريا شيراپوا جو مڱيندو برطانوي شهزادي هيري ۽ شهزادي وليم جو ويجهو دوست به آهي.
ٽينس اسٽار ماريا شيراپوا انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي مڱيندي سان نڪتل تصوير شيئر ڪئي ۽ پنهنجن مداحن کي مڱڻي جي حوالي سان ٻڌايو جنهن کانپوءِ مداحن خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ماريا شيراپوا جي برطانوي بزنس مين اليزينڊر سان 2008 کان دوستي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔