ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ڪورونا جا وڌيڪ يارنهن نوان ڪيس ظاهر، ايس او پيز تي عمل نه ٿيو

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان شھر ۾ ڪورونا وائرس جا 11 نوان ڪيس ظاھر ٿيڻ جي صحت کاتي پاران ڪيل تصديق کان پوءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو مرض ٽنڊو محمد خان شھر جي علائقن اندر انساني حياتين لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي.
ڪورونا وائرس جي تيزي سان ڦهلجڻ کانپوءِ مريضن جو تعداد صحت کاتي جي طرفان 205 ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خانگي اسپتالن جي اندر تمام وڏي تعداد ۾ ڪورونا وائرس جا مريض داخل آهن، جيڪي صحت کاتي جي تعداد کان الڳ آهن، ڪورونا وائرس جو مرض ٽنڊو محمد خان جي علائقي ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ سان علائقي جي عوام ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو آهي.
مرض جي تيزي سان ڦهلجڻ باوجود ايس او پيز تي ڪو به عمل نه ٿي رھيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔