سائنس جي انقلابي ايجاد، دنيا جي سڀ کان ننڍي الٽراسائونڊ مشين تيار

سان فرانسسڪو : عام طور تي الٽراسائونڊ مشينون گھڻيون ڳريون، وڏيون ۽ پيچيده هونديون آهن. ان کان سواءِ انهن کي هلائڻ لاءِ ماهر عملو گھربل هوندو آهي. پر هاڻ اسٽينفرڊ يونيورسٽي ان اهم طبي اوزار کي تمام ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان جو وزن رڳو 340 گرام آهي ۽ ان کي لباس جي کيسي ۾ سولائي سان رکي سگھجي ٿو.
ان نئين الٽراسائونڊ جي ڊسپلي اوهان جي سمارٽ جي سمارٽ فون آهي، جيڪا هڪ ايپ يا واءِ فاءِ سان سلهاڙيل هوندي ”ويو پروب“ نالي ڪمپني اهو اوزار تيار ڪيو آهي جنهن جو سربراهه امين نيڪوزادي آهي.
امين دستي الٽراسائونڊ جو بنيادي ڪم پي ايڇ ڊي تحقيق دوران ان وقت ڪيو هو جڏهن هو اسٽينفرڊ ۾ برقي انجينيئرنگ جو شاگرد هو.
اهو ننڍو اوزار پيزو اليڪٽرڪ ٽرانسڊيوسر جي بنياد تي ڪم ڪري ٿو. ان جو دستو سليڪن سان ٺهيل آهي ۽ 4 ڪلاڪن ۾ مڪمل چارج ٿيندڙ بيٽري سان هلي ٿو.
هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي اهو اوزار هڪ ڪلاڪ تائين اسڪيننگ ڪري سگھي ٿو. ويو پروب مڪمل طور تي واٽر پروف هجڻ سان گڏوگڏ جراثيم ڪَش به آهي.
ويو پروب 4 موڊز ۾ اسڪيننگ ڪري سگهي ٿو جن ۾ ڦڦڙ، دل، ڌڙ ، گائني ڪولوجي ۽ بسٽيٽرڪس جهڙا اهم معاملا شامل آهن.
پر اوهان سيٽنگ آپشن ذريعي اسڪيننگ جي گھرائي، فوڪس ۽ گين وغيره کي وڌائي ۽ گھٽ ڪري سگهو ٿا.
دسٽي الٽرا سائونڊ کلڻ کان پوءِ ان کي ڪنهن به آءِ او ايس يا اينڊرائيڊ سمارٽ فون يا ٽيبليٽ سان ڪنيڪٽ ڪري سگھجي ٿو. اهڙيءَ طرح اهو فوري طور تي بغير ڊيٽا جي سمارٽ فون جي اسڪرين تي موڪليندو رهي ٿو. ان اهم ايجاد کي اهڙي ماحول ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو جتي وسيلا ۽ بجلي نه آهي. ڪو به ڊاڪٽر ان کي سولائي سان استعمال ڪري ڏورانهن علائقن ۾ الٽراسائونڊ جو عمل انجام ڏئي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔