حڪومت خلاف هارين جو احتجاج قومي مسئلو بڻجي سگهي ٿو:ڀارتي سپريم ڪورٽ

نئين دهلي: ڀارتي سپريم ڪورٽ تڪراري زرعي قانون خلاف هارين جو احتجاج جاري آهي، هاري تحريڪ بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڀارتي چيف جسٽس چيو ته هارين کي احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ عدالت موجب احتجاج قومي مسئلو بڻجي سگهي ٿو.

ٻئي طرف ڀارت ۾ هلندڙ هارين جي احتجاجي تحريڪ مودي سرڪار لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي، ڀارتي هارين جو ملڪگير احتجاج ٽن هفتن کان جاري آهي، راڄڌاني نئين دهلي جي چوطرف هزارين هاري ڌرڻو هنيو ويٺل آهن، نئين دهلي جي ٻين رياستن کان ملائڻ وارا رستا بند هجڻ ڪري ٽريفڪ جي نظام ۽ معاشي سرگرمين کي شديد نقصان مليو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔