آءِ ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ وزيراعظم بجلي جي اگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آخر ڪار بجلي جي اگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد آءِ ايم ايف پروگرام جو ٻيهر آغاز ڪرڻ آهي جيڪو گذريل 10 مهينن کان معطل هو .

وزيراعظم عمران خان جي بجلي جي اگهن ۾ نئين اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ، جنهن کانپوءِ 10 مهينن کان معطل رهندڙ عالمي مالياتي فنڊ جي 6 ارب ڊالر جي قرض پروگرام کي ٻيهر شروع ڪيو ويندو ۽ جنهن تحت بجلي جي اگهن ۾ اضافي جي شرط اڻ ٽر هئي .

منظوري کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ 25 سيڪڙو يعني 3 روپيا 34 پيسا في يونٽ اضافو  ڪيو ويندو. ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ اضافي جو فيصلو اصولي طور تي ڪيو ويو آهي پر آخري فيصلو رڳو اهو ڪرڻو آهي ته اهو اضافو هڪ ئي وقت ڪيو وڃي يا ان کي ٻن ٽه ماهين ۾ ڪيو وڃي .

وزيراعظم پاران به منظوري ملڻ کانپوءِ حڪومتي معاشي ٽيم قيمتن ۾ اضافي جي طريقي ڪار ۽ هڪ کرب رپين جي گردشي قرضن بابت صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت بجلي جو بنيادي ٽيرف 13 رپيا 35 پيسا في يونٽ آهي جيڪو وڌي 16 رپيا 69 پيسا ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔