دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري، هڪ ڏينهن ۾ 10 هزار 681 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران سموري دنيا ۾  دنيا ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 10 هزار 681 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، 5 لک 14 هزار 956 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد دنيا ۾ متاثرن جو انگ 7 ڪروڙ 43 لک 14 هزار 921 ٿي ويو آهي، امريڪا ۾ حالت بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 2 هزار 395 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، ميڪسيڪو ۾ هڪ ڏينهن دوران 801، جرمني ۾ 749، اٽلي ۾ 680، برطانيا ۾ 612، روس ۾ 596 ۽ ڀارت ۾ 223، ايران ۾ 213، بيلجيم ۾ 124 انڊونيشيا ۾ 124،بنگلاديش ۾ 27، فلپائن ۾ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 16 لک 51 هزار 584 ٿي ويو آهي. ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5  ڪروڙ 22 لک 13 هزار 567 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔