هٿياربند فوج قوم جي سهڪار سان سڀني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هٿياربند فوج قوم جي سهڪار سان سڀني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه گوجرانوالا جي ويجهو فوجي مشقن جو جائزو ورتو۽ ائير ڊفينس جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو .

آءِ ايس پي آر موجب هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به آرمي چيف جنرل قمر جاويد سان گڏ هو . ڪمانڊر آرمي ائير ڊيفينس  ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان آرمي چيف ۽ ائير چيف جو استقبال ڪيو ، ڪور ڪمانڊر منگلا ۽ ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا به ان موقعي تي موجود هئا .

آءِ ايس پي آر موجب مشقن ۾ انٽيگريٽڊ ايئر ڊيفينس ۽ ٻين هٿيارن جو عملي مظاهرو ڪيو ويو ، پاڪ فوج ۽ هوائي فوج جي سربراهن جاري مشقن جو معائنو ڪيو .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آرمي ايئر ڊيفينس جي پيشيواراڻا مهارتن کي ساراهيندي چيو ته جديد پيچيده جنگي چيلينجز ۾ سهڪار ۽ انٽيگريشن جي خاص اهميت آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔