سنڌي ٻولي جو ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ؛سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ، اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين ۽ سگا ڪراچي جو صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پهرين آگسٽ  1972ع تي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ لونگ خان ڄامڙي ۾ گهر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) ۾ ڪيائين.

هو مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000 ۾ اسلاميا سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي، سندس اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ماهوار رسالي ”ماهه روز“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميا ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهي چڪو.

سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ شاعري ڇپجندي رهي آهي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو، هن ڪيترن ئي سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ فرض انجام ڏنا.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌي ادب جي دنيا ۾ سوڳ ڇانئجي  ويو ۽ سنڌ جي اديبن توڙي شاعرن سندس اوچتي وڇوڙي کي سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.

  • سندس جنازي نماز اڄ منجهند 3 وڳي سچل ڳوٺ ۾ اداڪئي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔