پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو

ويلنگٽن:  پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون سڀاڻي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ  دوران آڪلينڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو جنهن جي لاءِ قومي ٽي 20 اسڪواڊ تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاداب خان ٻئي ڏينهن به ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو. ان کان علاوه نيوزيلينڊ جي دوري تي موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ اسٽيڊيم ۾ نيٽ تي بالنگ ۽ بيٽنگ جي پريڪٽس ڪئي هئي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ پهچڻ کان پوءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو هي پهريون ٽريننگ سيشن هو جنهن ۾ فزيڪل ٽريننگ سان گڏوگڏ راندينگرن فيلڊنگ ڊرلز به ڪيا.

ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو هو ته نيوزيلينڊ جي خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

ڪوئنز ٽائون ۾ وڊيو لنڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪجهه رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب پريڪٽس صحيح نه ڪري سگهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔