اي پي ايس سانحي کان پوءِ سموري قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کان پوءِ سموري قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪارديالوجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هتي افغانستان مان به مريض ايندا. محدود وسيلن جي باوجود پي آءِ سي پشاور جي تڪميل تعريف جوڳو قدم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ اڃان تائين دل جي بيمارين کان بچاءُ واري  ڪابه اسپتال ناهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ دل جي وارڊ جا نتيجا سٺا ناهن رهيا.

پشاور ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي تمام گهڻي ضرورت هئي. اسپتالن جي تعمير ۾ دير سبب لاڳت وڌي ويندي آهي. اسان ڪورونا جي وبا دوران فنڊز ڳوليا ۽ اسپتال مڪمل ڪيو ويو. عمران خان چيو ته جيترو به ٽيڪس گڏ ٿيندو آهي ان جو اڌ قرضن ۾ هليو ويندو آهي. عوام جي صحت جو خيال رکڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان 6 سال اڳ پيش ايندڙ ڏکوئيندڙ سانحي اي پي ايس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي اڄ به دل ڏک ۾ ورتل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اي پي ايس سانحي سموري قوم کي گڏ ڪيو. دهشتگردي جي خلاف سموري قوم گڏ ٿي ۽ ان کي شڪست ڏني. ياد رهي ته 6 سال اڳ علم دشمنن معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بنايو هو ۽ 16 ڊسمبر  2014 تي پناهگيرن جي روپ ۾ پاڪستان داخل ٿيندڙ سفاڪ دهشتگردن مقامي ماڻهن جي مدد سان آرمي  پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو هو ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف  ٻارن مٿان فائرنگ ڪئي هئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز اسڪول جو گهيراءُ ڪيو.

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي 6 خودڪش حملي آورن کي ڊگهي آپريشن کان پوءِ ماريو ويو هو. 6 ڪلاڪ کان وڌيڪ جي آپريشن کان پوءِ اسڪول کي ڪليئر ڪيو ويو. ياد رهي ته اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن سميت 150 ماڻهو شهيد ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔