اپوزيشن جلدي استعيفيٰ ڏئي، نيڪ ڪم ۾ دير ڇو؟: شهباز گل ۽ فردوس عاشق اعواڻ

پشاور/اسلام آباد : اپوزيشن جلدي استعيفيٰ ڏئي، نيڪ ڪم ۾ دير ڇو؟ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل چيو آهي ته پهرين اپوزيشن جي اي ٽيم جو احتساب ٿيندو هو، هاڻي سڀني جو احتساب ٿيندو، وزيراعظم چورن جي دٻاءُ ۾ نه آيو، پي ڊي ايم وارا اين آر او نه ملڻ تي مايوسي جو شڪار آهن، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز گِل چيو ته لاهور جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان غير مناسب ٻولي استعمال ڪئي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ پي ڊي ايم کي ڪرپشن جي واڳن جو ٽولو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم بند گهٽي ۾ ڦاسي پئي آهي، عوام کي مخصوص ٽولي جي رحم و ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، لاهور ۾ اپوزيشن جي سياسي ٿيئٽر ڪورونا وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اپوزيشن ذاتي مقصدن لاءِ عوام جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔