حڪومت کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته استعيفيٰ ڏئي، ٻي صورت ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو :بلاول ڀٽو زرداري

لاهور: حڪومت کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته استعيفيٰ ڏئي، ٻي صورت ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ اُن جو فائدو حڪومت نه، پر اپوزيشن کي ملندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس حڪومت استعيفيٰ ڏئي ته ڳالهين جو طريقيڪار طئه ٿي سگهي ٿو، ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي موجودگي ۾ ڳالهين جي ڪابه گنجائش نه آهي، لانگ مارچ ۽ استعيفائن واري ائٽم بم کي اهڙي نموني استعمال ڪنداسين، جو ملڪ ۽ ادارن کي نقصان نه ٿئي، پي ڊي ايم استعيفيٰ لاءِ مناسب ڊيدلائين ڏني آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد حل حڪومت جي استعيفيٰ آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران بلاول ڀٽو چيو ته سينيٽ چونڊن بابت فيصلي مان ثابت ٿيو ته حڪومت خوف ۾ مبتلا آهي، عمران خان کي خبر آهي ته سندس ايم پي ايز به گڏ نه آهن، تنهن ڪري سينيٽ ۾ ڌانڌلي ذريعي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔