ڊينئل پرل قتل ڪيس: سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل مڪمل

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڊينئل پرل جي اغوا ۽ قتل جي وچ واري وقت بابت ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت ۽ سزا گهٽ ڪرڻ خلاف سنڌ حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جوابدارن عادل شيخ ۽ فهد نسيم جي بيانن کي گڏائي پڙهيو وڃي، جوابدار افغانستان ۽ ڀارت ۾ به رهيا آهن. هن چيو ته جوابدارن جي بيانن ۾ هڪجهڙائي آهي، جنهن تي جسٽس سردار طارق چيو ته وڊيو ڪهڙي ذريعي سان سماهون آئي، ڪابه ڄاڻ ناهي. جسٽس مشير عالم چيو ته ڇا ڪنهن شاهد وڊيو ڏسي ڪري ڊينئل پرل جي تصديق ڪئي، ٽيڪسي ڊرائيور کانسواءِ ڊينئل پرل کي ڏسڻ وارو ڪوبه شاهد ناهي. سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ وڌيڪ دليلن ۾ چيو ته 23 جنوري تي ڊينئل پرل اغوا ٿيو، جوابدارن نالو بدلائي هوٽل ۾ ڪمرو ورتو، عدالت سڀني شاهدن کي گڏائي ڏسي ته پراسيڪيوشن جو ڪيس مضبوط آهي. عدالت فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊينئل پرل جي والدين جي وڪيل فيصل صديقي کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔