وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان سعودي سفير جي ملاقات

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان اسلام آباد ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد آلمالڪي جي ملاقات ڪري پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ سعودي ۾ پاڪستاني قيدين واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون، ، شيخ رشيد چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ڪفالت بابت نئين ليبر قانون سان پاڪستاني پورهيتن کي فائدو ٿيندو ۽ اتي روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف سعيد آلمالڪي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان ملاقات ڪري ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي شيخ رشيد چيو ته سعودي عرب ۾ ڪفالت بابت نئين ليبر قانون سان پاڪستاني پورهيتن کي فائدو ٿيندو ۽ اتي روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته قيدين جي مٽاسٽا بابت معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، منشيات جي خاتمي بابت پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدي کي به جلد مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي سعودي سفير شيخ رشيد کي گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي واڌايون پڻ ڏنيون. ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ ۽ آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار ملاقاتون ڪري ادارتي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔