صوبي کي ڪرونا ويڪسين جي ڪيتري مقدار فراهم ٿيندي: سنڌ جو وفاق کي خط

ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ صوبي کي ڪرونا ويڪسين جي ڪيتري مقدار فراهم ڪئي ويندي، موجوده سسٽم جي آسري ويڪسين جا گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا. صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو وفاق کي خط لکي چيو آهي ته اين سي او سي اجلاس ۾ مليل آگاهي موجب ايندڙ سال مارچ کان ملڪ ۾ ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين ملڻ شروع ٿي ويندي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ کي ويڪسين جو ڪيترو مقدار فراهم ڪيو ويندو. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبن کي لاجسٽڪ، ڪولڊ اسٽوريج، ڪميونيڪيشن اسٽريٽجي ۽ ڊيش بورڊ مدد به فراهم ڪئي وڃي. صحت واري وزير موجب ڪرونا ويڪسين جي حوالي سان سنڌ جي هيلٿ سسٽم جو جائزو به ورتو پيو وڃي، هاڻوڪي سسٽم جي آسري ويڪيسن جا گهربل نتيجا حاصل نه ٿيندا. ڊاڪٽر عذره پيچوهو موجب ويڪسين عملي جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، فرنٽ لائين ورڪر، هيلٿ پروفيشنلز، ۽ پرائيويٽ پارٽنرز کي مصروف ڪرڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔