بحريا ٽائون پاران 460 ارب رپين جون ادائگيون ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد: بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ کي سنڌ جي ترقي لاءِ رکيل 460 ارب رپين جون ادائگيون ملتوي ڪرڻ لاءِ لکت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، بحريه ٽائون استدعا ڪئي آهي ته ڪرونا ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي قسطن جي ادائگي ٽن سالن تائين ملتوي ڪئي وڃي، ڪرونا سبب بحريا ٽائون جا 6 لک ميمبر ۽ 53 هزار ملازمن متاثر ٿيا آهن، ادائگين لاءِ وقت نه مليو ته ڏيوالو نڪري ويندو. بحريه ٽائون پاران سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل 460 ارب رپين جون قسطون پوئتي ملتوي ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. بحريه ٽائون پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ٽن سالن لاءِ ادائگيون ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته ڪرونا وائرس سبب بحريه ٽائون جا 6 لک ميمبر ۽ 53 هزار ملازم متاثر ٿيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ادائگين لاءِ وقت نه مليو ته ڏيوالو نڪري ويندو،جنهن سبب ملڪ جي معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچندو. واضح رهي ته بحريه ٽائون ۾ زمينن جي الاٽمينٽ واري پاڻمرادي نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۽ بحريه ٽائون ۾ معاهدي تحت بحريه ٽائون کي 460 ارب رپيا سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ فراهم ڪرڻ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔