قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس: سپريم ڪورٽ بار جي صدر جا دليل جمع

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، لطيف آفريدي پنهنجي دليلن ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس کي نظرثاني بئنچ جي جوڙجڪ جو ڪوبه صوابديد ناهي، عدالتي روايت تحت فيصلو ڏيندڙ ججز ئي نظرثاني به ٻڌندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر لطيف آفريدي پنهنجا لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. لطيف آفريدي پنهنجي دليلن ۾ چيو آهي ته اختلافي فيصلو ڏيندڙ ججز کي نظرثاني بئنچ کان ڌار ڪرڻ سان عدليا بابت سٺو تاثر نه ويندو ۽ اهڙي عمل سان سوال اٿندا، اهو تاثر وڌندو ته اختلافي عدالتي آوازن کي خاموش ڪيو پيو وڃي سپريم ڪورٽ بار جي صدر پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس کي نظرثاني بئنچ جي جوڙجڪ جو ڪوبه صوابديد ناهي، عدالتي روايت تحت فيصلو ڏيندڙ ججز ئي نظرثاني به ٻڌندا آهن. عدالت سپريم ڪورٽ بار جي صدر کي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي اڄ هـُن پنهنجا دليل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔