بالي ووڊ جي ناليواري ڪوريوگرافر ريموڊي سوزا کي دل جو دورو، اسپتال منتقل

نئين دهلي: ڀارتي انڊسٽري جي ناليواري ڪوريو گرافر ۽ هدايت ڪار ريموڊي سوزا کي دل جي دوري سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 46 سالن جي هيدايت ڪار کي اڄ دل ۾ تڪليف ٿي جنهن جي ڪري کيس ممبئي جي ڪوڪيلا بين ڌيروڀائي امباني اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريموڊي سوزا جي اسپتال ۾ انجيوپلاسٽي ڪئي وئي آهي ۽ هن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي پر کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔