اٽلي جو ليجنڊ فٽبالر پاولو روسي لاڏاڻو ڪري ويو

روم: اٽلي کي 1982ع جو فٽبال ورلڊ ڪپ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ رانديگر پاولو روسي 64 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پاولو روسي اسپين ۾ ٿيندڙ ٽورنامنٽ ۾ بهترين رانديگر طور اڀري سامهون آيو ۽ هن پنهنجي ٽيم کي کٽرائي ٽورنامنٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪرڻ کان سواءِ بهترين رانديگر جو اعزاز به حاصل ڪيو.
اٽلي جي ميڊيا موجب ڊگهي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا پاولو روسي جي موت جو اعلان ڪالهه ڪيو ويو هو.
پاولو روسي جي گهرواري سوشل ميڊيا تي اٽلي جي فٽبال هيرو جي پاڻ سان گڏ يادگار تصوير پوسٽ ۽ لکيو هميشه پر هن پنهنجي مڙس جي موت جو سبب نه ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔