سعودي عرب به ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي

رياض: برطانيا ۽ ڪينيڊا کان پوءِ سعودي عرب به فائزر ۽ بائيو اين ٽيڪ جي ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سعودي عرب جي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي آمريڪا جي ٻن دوا ساز ڪمپني فائزر جي بائيو اين ٽيڪ جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏني آهي.
سعودي خابرو اداري موجب اٿارٽي فائزر جي فراهم ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي ويڪسين جي موثر ۽ محفوظ هئڻ جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ دوا جي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هاڻ ويڪسين درآمد ڪئي ويندي.
سعودي اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته صحت جي شعبي جون لاڳاپيل اختياريون هاڻ ويڪسين جي درآمد جو عمل شروع ڪنديون ۽ ملڪ ۾ ويڪسين جي ايندڙ هر کيپ جي نمونن جي استعمال کان اڳ تجزيو ڪندي ته ان جي معيار کي يقيني بڻائي سگهجي.
سعودي عرب جي صحت واري وزارت ۾ ويڪسين جي آمد جي تاريخ جو اعلان ڪندي ۽ درآمدي تقاضن جي تڪميل کان پوءِ ان جي استعمال جو آغاز ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔