ايل او سي تي ڀارت طرفان فائرنگ، هڪ عورت زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي شهري آبادي مٿان چڙ ڏياريندڙ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج طرفان ايل او سي جي تته پاني سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي مارٽر گولن ۽ ڳرن هٿيارن سان نشانو بڻايو، ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 55 سالن جي عورت زخمي ٿي پئي جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ياد رهي ته  ٻه ڏينهن پهريان به ڀارتي فوج ايل او سي تي شرانگيزي ڪئي هئي، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت کي ڳرو نقصان کڻڻو پيو هو جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔