اساما بن لادن جي قتل ۾ اسرائيل کان ڄاڻ ورتي جيڪا مددگار ثابت ٿي؛ سي آءِ اي جو اڳوڻوَ سربراهه جان برينن

آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه جان برينن دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده جي اڳواڻ اساما بن لادن جي قتل ۾ اسرائيل کان ڄاڻ ورتي وئي هئي جيڪا مددگار ثابت ٿي. اسرائيلي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ جان برينن چيو ته اساما بن لادن جو قتل آمريڪي آپريشن هو جنهن ۾ اسرائيل انٽيليجنس جي مليل ڄاڻ به شامل هئي. اسرائيلي وزير اعظم بن يامين نيتن ياهو جي حوالي سان جان برينن جو چوڻ هو ته هنن اسرائيلي سياست کي هڪ الڳ رخ ڏنو، نتين ياهو ذاتي طور تي بااصول يا بااخلاق شخص ته ناهي پر هو تمام گهڻو چالاڪ ۽ موقعي پرست سياستدان ضرور آهي. جان برينن چيو ته اسرائيلي وزير اعظم کي جيڪڏهن فلسطين جي ٻه رياستي حل ۾ پنهنجو مفاد نظر ايندو هجي ها ته هو ان تي هيل تائين عمل به ڪري چڪو هجي ها. آمريڪي سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه چيو ته نيتن ياهو اسرائيل جي آبادڪاري جو منصوبو به کاٻي پاسي واري ڌر جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙيو ۽ ان منصوبي کي امارات ۽ بحرين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويو. ياد رهي ته اسامان بن لادن 2011 ۾ پهرئين ۽ 2 مئي جي وچ واري رات پنجاب جي شهر ايبٽ آباد ۾ آمريڪي ڳجهي اداري جي آپريشن دوران مارجي ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔