ڊرامي ارطغرل غازي جو مرڪزي ڪردار انگين آلتان لاهور پهچي ويو

لاهور: مشور ڊرامي ”ارطغرل غازي“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ترڪش اداڪار آنگين آلتا لاهور پهچي ويو آهي.
انگين آلتا اڄ صبح جو لاهور پهتو، هن جي اچڻ بابت اعلان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ”پاڪستان ان ترڪي“ نالي ٽوئيٽر اڪائونٽ پاران ڪيو ويو.
ٽوئيٽ ۾ اداڪار انگين آلتا جي لاهور پهچڻ جي خبر تصوير سان ٽوئيٽ ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ارطغرل غازي جو مرڪزي ڪردار آنگين آلتا هڪ خانگي ڪاروباري ڪمپني جي دعوت تي پاڪستان جي مختصر دوري لاءِ لاهور پهتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔