اسان خلائي مخلوق سان رابطي ۾ آهيون: اسرائيلي سائنسدان

اسرائيل جي بچاءَ واري وزارت جي اسپيس سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه ڊاڪٽر حائم اشاد خلائي مخلوق جي موجودگي جي دعويٰ ڪئي آهي.
ستاسي سالن جي ڊاڪٽر حائم اشاد تريبن 30 سالن تائين هن اداري جو سربراهه رهيو آهي ۽ هن کي سندس خدمتن عيوض 3 ايوارڊ به ڏنا ويا آهن جڏهن ته هن وقت هو پروفيسر آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب حائم اشاد دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا ڪيترن ئي سالن کان ڪهڪشان فيڊريشن سان تعلق رکندڙ خلائي مخلوق سان رابطي ۾ آهي، خلائي مخلوق سان سهڪار ۾ مريخ تي ڳجهو اڏو ٺاهڻ به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔