هڪ ٻئي ڀارتي اداڪاره جو لاش هوٽل جي ڪمري مان هٿ، آپگهات جا چئوٻول

ممبئي: 28 ساله تامل اداڪاره چترا ڪامراج ڀارتي شهر چنئي ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب چترا ڪامراج گذريل رات اڍائي وڳي شوٽنگ کان پوءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ آئي ۽ اڌ کان هڪ ڪلاڪ جي اندر گلي ۾ ڦندو لڳائي آپگهات ڪري ڇڏيو.اداڪاره چترا ڪامراج سان گڏ هوٽل ۾ سندس مڱيتر ۽ واپاري بيمنتهه چترا جي پراسرار موت بابت ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته چترا شوٽنگ کان واپس ايندي ئي وهنجڻ وئي ۽ جڏهن هو دير تائين ٻاهر نه آئي ته مون دروازو وڄايو، ڪوبه جواب نه ملڻ تي سندس مڱيتر هوٽل انتظاميه کي دروازي جي ڊپليڪيٽ چاٻي سان دروازو کولڻ جو چيو ۽ جڏهن هوٽل انتظاميه سان گڏ اداڪاره جو مڱيتر ڪمري ۾ داخل ٿيو ته چترا ڪامراج کي مئل حالت ۾ ڏٺو. پوليس طرفان في الحال جاچ جو سلسلو جاري آهي پر اداڪاره جي موت بابت ڪوبه باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.ٻئي طرف آپگهات کان اڳ چترا انسٽا گرام تي پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن جي ڪجهه دير کان پوءِ سندس موت واقع ٿي. اداڪاره جي پراسرار فوتگي سندس چاهيندڙن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔