ملير نديءَ ۾ گندگي تي سنڌ جو ماحوليات وارو سيڪريٽري عدالت طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مينهن جا ڇَيڻا ۽ گدلو پاڻي ملير نديءَ ۾ ڇوڙ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ماحوليات کاتي جَي ڊي جِي کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مينهن جي واڙن جو گند ۽ گندو پاڻي ملير نديءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران عدالت لاڳاپيل ادارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. درخواستگذار جي وڪيل اياز انصاري ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ملير ندي جي ڀرپاسي غير قانوني طور تي مينهن جا واڙا قائم ڪيا ويا آهن، جن جا ڇيڻا ۽ گندو پاڻي سڌيءَ ريت ملير نديءَ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڪراچي جي وڏي آبادي گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. عدالت ملير نديءَ ۾ گندگي تي لاڳاپيل ادارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ماحوليات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي معاملي جي تفصيلن سميت طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔