مڙس جو انسٽاگرام اڪائونٽ بلاڪ ڪندڙ زال مٿان پنج هزار ڏنڊ لاڳو

دبئي: متحده عرب امارات ۾ مڙس جو انسٽاگرام ۽ اسنيپ چيٽ اڪائونٽ بلاڪ ڪندڙ زال مٿان 5 هزار درهم ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.عرب ميڊيا موجب راس الخيمه پوليس ۾ متاثر شخص رپورٽ داخل ڪرائي ته ان جي زال انسٽاگرام ۽ اسنيب چيٽ تي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب منهنجي مساج سينٽر جي ويب سائٽ تائين پهچ ۾ رنڊڪ پيدا ٿي وئي آهي ان لاءِ زال جي خلاف سائبر ڪرائم جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي. مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سندس زال دعويٰ ڪئي ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي مالڪ هو پاڻ آهي پر سندس مڙس موقف اختيار ڪيو ته مساج سينٽر منهنجو آهي جتي مون گهر واري کي مئنيجر جي پوسٽ ڏني آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس به هو پاڻ هلائيندي آهي پر اهي اڪائونٽ منهنجي نمبر تي ٺاهيا ويا آهن. مڙس اها دعويٰ ڪئي ته گهر واري انتظامي ۽ مالي ڪرپشن ڪئي آهي راز فاش ٿيڻ تي سوشل ميڊيا اڪائونٽس مڪمل طور تي بند ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي. حڪومت سائبر ڪرائم عدالت کي ٻڌايو ته اڪائونٽن جي جانچ پڙتال سان اها ڳالهه سامهون آئي اهي ته هي اڪائونٽس مڙس جا آهن ۽ زال ڄاڻي واڻي انهن کي بلاڪ ڪيو آهي ته جيئن مساج سينٽر جا معاملا هو پاڻ ئي ڏسي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔