والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فائرنگ سبب ٽي ڪشميري شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارت رياستي دهشتگرديءَ جو مظاهرو ڪندي 3 ڪشميري نوجوانن کي دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشميري ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ۽ پوليس ضلع پلوامه جي علائقي تڪن ۾ گهيرو ڪري سرچ آپريشن ڪيو، ان دوران گهر گهر تلاشي ورتي وئي ۽ چادر توڙي چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.
ان دوران قابض فوج جي اهلڪارن ٽن بي گناهه نوجوانن کي گرفتار ڪيو ۽ پوءِ شهيد ڪري ڇڏيو، ڀارتي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٽئي شهيد نوجوان مجاهد هئا جيڪي هڪ مقابلي ۾ مارجي ويا.
ٻئي طرف ڪلگام جي علائقي مال پوره ۾ ڀارتي فوج جي گاڏي هڪ ضعيف کي چيڀاٽي شهيد ڪري ڇڏي، واقعي کانپوءِ ڀارتي فوج اتان آساني سان فرار ٿي وئي ۽ ان واقعي کي حادثو قرار ڏئي دٻائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔